سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ٽريفڪ پوليس اھلڪار ۽ ٽيڪسي ڊرائيور ۾ جھيڙو، ٽريفڪ پوليس اھلڪار ۽ ٽيڪسي ڊرائيور ھٿين پئجي ويا، جھيڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب چونڊڪو جي رھواسي مزدا ڊرائيور عبدالجبار مھراڻي ۽ ٽريفڪ پوليس اھلڪار ۾ ڪنھن معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي، جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته وردي ۾ موجود ٽريفڪ پوليس اھلڪار توڙي ڊرائيور ھٿين پيل آھن. ذريعن مطابق وردي پھريل پوليس اھلڪار سان جھيڙو ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ جي الزام ھيٺ پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏھن ته ڊرائيور جي پٽ عمران مھراڻي الزام مڙھيندي چيو ته ٽريفڪ اھلڪار ڀتو گھريو، نه ڏيڻ تي بابا کي تشدد جو نشانو بڻايو، ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺي انصاف ڏياري.