ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم ۾ مبينا نشي ۾ ڌت جوابدار جي ٻالڪ کي کنڀي بدفعلي، مزاحمت تي معصوم تي وحشياڻو تشدد، سبب اک کي نقصان، بيھوشي جي حالت ۾ ھٿ، جوابدار گرفتار، رپورٽ موجب شهر جي چانھيا پاڙي ۾ مبينا طور نشي ۾ ڌت جوابدار 7 ورهين جي ٻالڪ محمد زمان چانھيو کي کنڀي پنھنجي گھر کڻي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو، جنھن ۾ ٻالڪ جي ھڪ اک سخت متاثر ٿي آھي، وارث ٻالڪ کي ٿاڻي تي کڻي آيا، جتي پوليس اين سي داخل ڪري جوابدار عنايت پنھور کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻالڪ کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اسپتال نيو ويو، ٻالڪ جي مامي عبدالسلام چانھيو ٻڌايو ته جوابدار  گرفتاري وقت به نشي ۾ ڌت ھو، جنھن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن گھر ڪئي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي.