يڪساهي پورو ڪرڻ جهڙو داستان گل

0
285
ايڏي جاني ۽ مالي نقصان جو ڪير نوٽيس وٺندو؟

  “ڊاڪٽر شيرين سومرو ڪيس” سنڌ جي ويجهڙ واري تاريخ ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو. اهو واقعو ڪيئن ٿيو؟ تنهن جي پويان ڪهڙا “ڳجها” مقصد هئا؟ تنهن تي پوءِ ٿا بحث ڪيون، هتي اچو ته ڏسون اهو واقعو ٿيو ڪيئن؟ ان حوالي سان عمراڻي صاحب لکي ٿو ته،“ڊاڪٽر شيرين سومرو پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ فائنل سال جي شاگردياڻي ۽ شاگرد يونين جي صدر هئي، جنهن جو والد محمد بچل سومرو فوج ۾ ڪرنل، پوءِ برگيڊيئر، اصل سانگهڙ جو ويٺل هو ۽ سندس والده هڪ جرمن خاتون هئي. هن جي پرورش ۽ بود و باش ٺيٺ مغربي ماحول ۾ ٿي هئي ۽ هُوءَ پاڻ ڪراچيءَ جي مغربي طرز جي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان پڙهيل هئي، ان ڪري هن کي نه ته اصل سنڌي سڀيتا جي ڪا ڄاڻ هئي ۽ نه ئي هن کي سنڌي هجڻ تي ڪو مانُ يا فخر هو.

سندس ’سلام دعا‘ سماجي هيلو هاءِ هڪ عجيب اوباش قسم جي فوجي ميجر ڪفايت سان ڪيئن ۽ ڪٿي ٿي؟ ان جي خبر خاوند کي!… مون سان ميجر ڪفايت الله هر روز فون تي گفتگو ڪندو ۽ ڪو حيلو ڪري شام جو سندس سرڪاري ضلعي ڪائونسل واري رهائشگاهه تي اچڻ جي دعوت ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته هن وٽ روز خوبصورت مهمان به ايندا رهندا آهن، جنهن سان اچو ته توهان جي ڪچهري ڪرايان…ان منحوس رات به هن جو فون آيو ته مهربان اڄ دعوت خاص آهي، جيڪا توکي مس ڪرڻ نه گهرجي، مون حسب عادت، معمول جو بهانو ڪيومانس…انهيءَ بهاني سبب منهنجي جان ته ڇٽي وئي پر سڄي سنڌ ۾ رات وچ ۾ عجيب مانڌاڻ مچي ويو، جيڪو ميجر ڪفايت الله جي ان دعوت مان اوچتو ڌماڪي سان ٻاهر نڪتو…ان واقعي جو هڪ معتبر ۽ اکين ڏٺو شاهد اسان جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ آنجهاني ڀوڄ راڄ راٺي هو. هن مون کي بعد ۾ ٻئي ڏينهن احوال ڏنا ۽ ٻڌايو ته هن کي تپيدارن سميت 7 وڳي ميجر ڪفايت پاڻ وٽ ريسٽ هائوس ۾ طلب ڪيو هو ۽ کين ٻاهر ورانڊي ۾ انتظار ڪرايو ويو ۽ چيو ويو ته صاحب اندر مصروف آهي.

اهو وقت ميجر صاحب جي ڊرنڪ ڪرڻ جو هوندو هو ۽ ان جي ڳالهه به مون سان مختيارڪار امان الله سومري ڪئي، جنهن کي اڪثر اها چٽي پوندي هئي ته هو ڪٿان بوتل هٿ ڪري هن کي پهچائي. قصو ڪوتاهه، اوچتو شام 30؛7 ڌاري مس شيرين سومرو، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال جي سرڪاري ’ڪار‘ مان اچي لٿي ۽ ميجر ڪفايت جي ڪمري ۾ هلي وئي. ڪجهه دير کان پوءِ ويٽر اندر ’ڊنر‘ کڻي ويا، ڪلاڪ کن کان پوءِ هُوءِ نارمل، خوش و خرم، هشاش بشاش حالت ۾ واپس ساڳي ڪار ۾ چڙهي هاسٽل رواني ٿي وئي…LMC ۾ هڪ فون اڌ رات جو پراسرار طريقي سان نواب شاهه کان ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ سنڌياڻيءَ جي ’لڄالٽ‘ جي وارتا بيان ڪيل هئي…ٻئي ڏينهن ٻن قومپرست جوڌن فوجين تي فائرنگ ڪئي، جيڪي پيٽاري کان مشقون ڪري ٽرڪ ۾ چڙهي موٽي رهيا هئا. ٻه سپاهي سرزمين تي ڄامشوري ڦاٽڪ وٽ مارجي ويا.” 169،170.

اصل ۾ رياست فيصلو ڪري چڪي هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي هر حال ۾ ڦاهي ڏيڻي آهي، تنهن ڪري ان کان اڳ سنڌ ۾ خاص طور تي سنڌ جون ٽئي وڏيون يونيورسٽيون هر حال ۾ بند ڪرڻيون هيون، جنهن لاءِ ان کي ڪنهن جواز جي ضرورت هئي، جيڪو شيرين سومرو جي هٿرادو جوڙيل اسڪينڊل ذريعي حاصل ڪيو ويو.

يونيورسٽي جا شاگرد ڀتا خوري ڪهڙي طرح ڪندا آهن ۽ اقتدار ۾ ويٺل پارٽيون يا اقتدار کان ٻاهر ويٺل پارٽيون انهن جي ڪهڙي طرح مدد ڪنديون آهن؟ تنهن حوالي سان عمراڻي صاحب لکي ٿو ته، “ هن تنظيم وارا وائيس چانسلر رشيد احمد شاهه سان پوري پوري طرح سان هم رڪاب، هم خيال ۽ سهمت نه آهن، جيڪو پاڻ وري شاگرد تنظيمن هٿان گهڻو ’هيسايل‘ آهي ۽ خاص طور سپاف کان جنهن کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. ان جو سرواڻ فقير قربان پتوجو، چيف منسٽر جي ڳوٺ خيرپور جو آهي، جيڪو وي سي جي ڪنٽرول ۾ ڪونهي ۽ اسان جي لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ڪندو، جنهن ۾ عام طور تي ڀتا خوري ۽ فيڪٽرين کان چندو وٺي ڏيڻ جا مطالبا ضرور ڪندو.” ص 121. وري ان جو هڪڙو ٻيو مثال ڏيندي لکي ٿو ته. “امن امان جي لحاظ کان يونيورسٽيءَ جي جوڙجڪ هن طرح هئي؛ ٽنهي يونيورسٽين جي قاعدي ۽ قانون لاءِ هڪ عدد اعليٰ سطحي ڪميٽي گورنمينٽ ٺاهي،

جنهن جي ماهوار ميٽنگ ڪمشنر جي صدارت هيٺ ’ڪمشنر هائوس‘ ۾ ٿيندي هئي ۽ اتي سڀ وي سي بحيثيت ميمبرن جي ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا…هن ميٽنگ ۾ وي سي سنڌ يونيورسٽي آر اي شاهه، وي سي مهراڻ يونيورسٽي ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو ۽ ٽنڊوڄام يونيورسٽيءَ جو وي سي عبدالقادر انصاري به شريڪ ٿيا…ميٽنگ جو ورڪنگ پيپر به مون ٺاهيو هو، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ ۾ سياسي ڌرين، ٻاهرين سياسي قوتن جي مداخلت جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي ۽ آخر ۾ اها تجويز ڏني وئي هئي ته سياسي مداخلت، هٿيارن ۽ پروپيگنڊا کي بند ڪرائڻ جو واحد موثر حل اِهو آهي ته ’شاگرد يونين‘ کي بحال ڪيو وڃي…حيران ڪندڙ حقيقت ۽ پريشانيءَ اِها هئي ته ڪنهن به وي سيءَ منهنجي هن رٿ جي تائيد نه ڪئي ۽ چيائون ته حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جي شاگرد تنظيم کٽي ڪانه سگهندي ۽ ان جي ڪري حڪومت ناراض ٿي ويندي. مطلب ته هيءُ ناعاقبت انديش A.D.M غير سياسي سوچ رکي ٿو،

ان ڪري پاڻ ته نوڪريءَ مان فارغ ٿيڻ جي تياري ڪري پيو، پر اسان کي به گهر روانو ڪرائيندو…متفقه راءِ سان اِها تجويز رُد ڪئي وئي ۽ هنن پاڻ پنهنجي طرفان سڀني غير چونڊيل شاگرد تنظيمن ۽ هٿياربندن لاءِ پنهنجي آفيسن ۽ بنگلن جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ کين هر وقت اسان جي بابت ٻڌائيندا رهيا ته توهان جا اصل دشمن اهي ڪامورا آهن، جيڪي يونيورسٽيءَ جي ماحول ۾ دخل اندازي ڪن پيا.” ص 123

پروفيسر بشير احمد چنڙ جي قتل جي حوالي سان گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته، “مرحوم بشير چنڙ سان منهنجو هڪ عجيب رشتو آهي. هن ۽ مون ساڳئي ڏينهن تي ليڪچراريءَ جو انٽرويو ڏنو هو ۽ ساڳئي ڏينهن تي اسان جي تقرري جو آرڊر نڪتو هو…ان جي شهادت به هڪ وڏو الميو آهي. هن کي دهشتگرد شاگردن سيني تي 12 گوليون هڻي ان ڪري ماري ڇڏيو ته هن سندن حرڪتن جي ڪري سندن داخلا رد ڪرائي وي سي کي رپورٽ ڪئي، جنهن وري سڄي ذميواري مرحوم چنڙ تي وجهي ڄڻ قاتلن کي ڏس ڏنو ته بابا اصل ڏوهاري ته هاسٽل جو پرووسٽ بشير چنڙ آهي، جنهن کي وڃي رستي تي پڪڙيو ۽ آخر ۾ مرحوم کي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جي ڀرسان ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو.” ص 123. ٽنهي يونيورسٽين ۾ ڳجهين ايجنسين جي مداخلت جي متعلق به عمراڻي صاحب کي ٿورو گهڻو ضرور لکڻ گهرجي ها.

سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪڙي خاص مذهبي جماعت جا ماڻهو ڪهڙي طرح ڀرتي ڪيا ويندا هئا، تنهن حوالي سان گل محمد عمراڻي صاحب لکي ٿو ته، “رضي الدين صديقي (اڳوڻو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي) جي وقت جا گهڻا ئي رکيل هئا. جماعتِ اسلامي جي تحريڪ سان واڳيل استاد، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عام طرح سان ڏسڻ ۾ ايندا هئا.” ص 38

عمراڻي صاحب پنهنجي هڪ مهربان استاد جي لاجواب انگريزي جي تعريف ڪندي ان سان گڏ هن جي ڳجهي ڪردار متعلق به لکي ٿو،“پروفيسر جليل (جيڪو پاڻ جماعت اسلامي سان وابسطا هو) جهڙي گرجدار آواز ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ فصاحت ۽ بلاغت جا واهڙ وهائڻ وارو انسان اڄ تائين مون ڪونه ٻُڌو ۽ ڏِٺو آهي.” ص 101. وري اڳتي لکي ٿو ته “اها خبر پوءِ مون کي مسعود نورانيءَ ٻڌائي ته انگريزي جو هيڊ جليل صاحب ڪيئن ڪمشنر مسرور جي لاءِ مخبري ڪندو رهندو هو ۽ 4 مارچ جي تاريخي تحريڪ ۾ هن کي شاگردن پاڻ مسرور سان گڏ سازباز ڪندي پڪڙيو هو.” ص 38

اسان وٽ پاڪستان کان ويندي سنڌ سطح تائين اڪثريتي سفيد پوش طبقو يا خوشحال طبقو ڪهڙي طرح ٻه نمبري ڪندو آهي، يعني ڏسڻ ۾ هڪڙو ۽ لڪ ڇپ ۾ ٻيو، تنهن حوالي سان گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته، “شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي عيد کان شايد هڪ ڏينهن اڳ 70 ڪلفٽن تان محمد احمد خان قصوريءَ واري خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري لاهور منتقل ڪري وٺي ويا. مان عيد جون موڪلون حيدرآباد ۾ گذاري جيئن واپس لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهيس ته عجيب سوڳوار ۽ گم صُم فضا هئي. قائدِ عوام جي شهر ۾ ڪرنل صفدر سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو،

جنهن سان فقط هڪ گهُمرو رسمن سرڪاري ملاقات ٿي هئي. شهر جا خوشامدي، ابن الوقت ۽ موقعي پرست بظاهر معزز ماڻهو اڪثر ملٽري وارن سان ملاقاتن جي لاءِ آتا نظر ايندا هئا ۽ اهي شام جو سرڪٽ هائوس جا ڦيرا پائيندي نظربا هئا ۽ لڳندو هو ته هو پڪا ابن الوقت هئا، جن کي فقط اقتدار جي ايوانن جا چڪر هڻندي خاص روحاني خوشي ٿيندي هئي. ٻاهران هو پارٽي سان به سچا هئا، پر سرڪاري مخبري ڪندي وڌيڪ باعزت ۽ معزز شهري شمار ٿيندا هئا.” ص 152

گل محمد عمراڻي ٽنڊو بهاول جي سانحي جي حوالي سان شاندار ۽ بهادراڻه رپورٽنگ ڪرڻ تي “بي بي سي” سان وابسطا علي حسن جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته،“… اتفاق سان ٻئي ڏينهن رات جو ٽنڊي بهاول وارو قهري واقعو حيدرآباد ۾ هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو، جنهن ۾ 9 ڳوٺاڻا بيدرديءَ سان ميجر ارشد شهيد ڪري انهن جا لاش هڪ ڊاٽسن ۾ وجهي ڄامشوري ٿاڻي ۾ اچي ايس ايڇ او ملوڪ چنڙ جي حوالي ڪيا ۽ چيائينس ته اهڙي داخلا رکي ته سڀ دهشتگرد هئا، جيڪي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.

غريب  صوبيدار انعام ۽ پروموشن جي لالچ ۽ يونيفارم ۾ پاتل آرمي جي ميجر جي داٻي ۾ اچي اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي…قصو اڃان اڌ ۾ هو ته وزيراعظم صاحب دادوءَ کان شام جو بذريعه ننڍي جهاز Cessna ۾ سکر پهتو ۽ اتي به حسب معمول بريفنگ وٺي رهيو ته 00؛8 وڳي واري BBC جي اردو سروس سيربين ۾ علي حسن حيدرآباد کان رپورٽ ڪيو ته هي 9 ڄڻا سنڌي ڳوٺاڻا دراصل ڳوٺ ٽنڊي بهاول ۾ هڪ زميندار پٺاڻ جي چرچ تي ميجر ارشد قطار ۾ بيهاري قتل ڪيا…” ص 217،218.

ڪتاب  “داستان گل” ۾ ٻيون به کوڙ ساريون اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ونڊڻ جهڙيون آهن. سچ ته ويجهڙ ۾ سنڌي ۾ هڪ اهڙو ڪتاب پڙهيو آهي، جنهن ۾ پروف جون غلطيون نه هئڻ برابر آهن ۽ ايتري تائين جو ڪاما، زير ۽ زبر جو به مڪمل خيال ڪيو ويو آهي. پر ساڳئي وقت عمراڻي صاحب کوڙ ساريون خبرون “وڌيڪ خبر خاوند کي” چئي نه لکي سگهيو آهي، اميد ته ايندڙ ڪتاب ۾ “خاوند” وٽ جيڪي “خبرون” آهن، تن کي به ضرور ظاهر ڪندو. سچ ته ڪي اهڙا ڪتاب هوندا آهن، جيڪي هڪڙي ساهي ۾پڙهي پورو ڪرڻ تي دل چوندي آهي ۽ هونئن به داستان ڏاڍا دلچسپ هوندا آهن، تنهن ڪري “داستان گل” به تمام گهڻو وڻيو ۽ هڪڙي ساهي ۾ پڙهي پورو ڪرڻ جهڙو ڪتاب آهي.(پورو ٿيو)

[email protected]