ڪيف(م ڊ) يوڪرين جي راڄڌاني ۾ هيليڪاپٽر ڪرڻ جي نتيجي ۾ گهرو وزير ۽ نائب گهرو وزير سميت گهرو وزارت جي اعليٰ عملدارن سوڌو 18 ڄڻا مارجي ويا. هيليڪاپٽر ڪرڻ جو واقعو ڪيف جي علائقي هرووري ۾ ٻارن جي نرسري جي ويجهو پيش آيو. حادثي ۾ ٻارن جي اسڪول جي عمارت ۽ ٻين جاين کي به نقصان پهتو. يوڪرين جي صدارتي آفيس جي نائب سربراهه جو چوڻ آهي ته گهرو وزير جنگ سٽيل علائقن جي فضائي دوري تي هو ته هيليڪاپٽر سان حادثو پيش آيو. ميڊيا رپورٽس موجب هيليڪاپٽر حادثي ۾ 3 ٻار به فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.