شڪارپور( رپورٽر) سنڌ ۾ جي ڊي اي هڪ مضبوط ۽ پ پ جو متبادل اتحاد آهي، جنهن جو ثبوت ايس يو پي جو جي ڊي اي سان ڪيل اتحاد آهي، سنڌ جي ماڻهن کي به گهرجي ته هو متبادل طور پنهنجو ووٽ استعمال ڪن، پير صاحب پاڳارو جڏهن جي ڊي اي ٺاهي ميدان ۾ ٻاهر نڪتو هو ته سنڌ جي ماڻهن کي موٽ ڏيڻ گهرجي ها جيڪا ان وقت هنن نه ڏني جنهن ڪري سنڌ اڄ ان صورتحال کي ڀوڳي پئي، اهڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي ايم پي اي شهريار خان مهر شڪارپور پريس ڪلب ۾ نئين چونڊجي آيل صدر رحيم بخش جمالي، جنرل سيڪريٽري وحيد بروھي ، ديدار سومرو، سني سوڍو، جبران ابڙو، وسيم سنجراڻي، ابراھيم بروھي، عارف قريشي  جن کي مبارڪ باد ڏيڻ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو، ھن چيو ته سنڌ حڪومت مان ڪير به چڱائي جي اميد نه رکي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ هو ڪنهن به ريت الڳ نه آهن جڏهن به اليڪشن ٿيندي آهي ته پ پ سنڌ ڪارڊ ۽ ايم ڪيو ايم مهاجر ڪارڊ استعمال ڪري ماڻهن کي بيوقوف ڪندا آهن هاڻي واري به ڪراچي ۾ ٿيل بلدياتي چونڊ اهڙي ئي راند هئي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پ پ کي کٽائڻ خاطر ئي بائيڪاٽ ڪري کيس ووٽ ڏياريو، ھن چيو ته امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، سنڌ حڪومت جو صوبي ۾ امن امان بحال رکڻ ترجيح ۾ ئي شامل نه آهي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جيڪو گهرو وزير به آهي اهو سنڌ ۾ بدامني جو سڌري ريت ذميوار آهي، هن چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ جيڪا هن وقت بدامني آهي اهڙي اول ڪڏهن به نه رهي آهي، 20 – 20 هٿياربندن جا ٽولا زوري گهرن ۾ گهري ماڻهن جو چوپايو مال کسيون پيا وڃن ته وري روڊن تان ڦرون ڪن پيا پر افسوس آهي جو سنڌ جي حڪمرانن تي ان جو اثر نه پيو ٿئي، هن چيو ته اسان وقت کان اڳ چونڊن جا حمايتي نه آهيون ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل ٽئي اڳواڻ شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان کي مهانگائي تي سوچڻ گهرجي ڇو ته هنن مهانگائي خلاف عمران خان جي حڪومت ۾ تمام وڏي واويلا ڪئي بلاول ڀٽو زرداري ته ڪراچي مان جيڪو لانگ مارچ شروع ڪيو هو ان جو نالو ئي مهانگائي لانگ مارچ رکيو هو پر اڄ جيڪا ملڪ ۾ مهانگائي آهي ان تي انهن جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي ۽ ملڪ توڙي سنڌ جي عوام کي به اهو سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت رڳو اعلانن تائين محدود آھن برسات متاثرن لاء تمام وڏي بجيٽ هئڻ باوجود متاثر پٽ تي ويٺل آھن، غريب مسڪين مسڪينن جا فنڊ هڙپ ڪيا ويا آھن، ان موقعي تي شھريار مھر سان گڏ سيد نادر علي شاهه، سردار جمال الدين جهلڻ پڻ گڏ هئا.