اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عمران خان جي حڪومت ۾ نيب آرڊيننس سبب آزاد ٿيندڙ ۽ فائدو کڻندڙن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اها به حقيقت آهي ته نيب ترميمن بعد 386 ڪيس احتساب عدالتن مان واپس ٿيا، وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته عدالت اهو به پڇي سگهي پئي ته تحريڪ انصاف جي ساڍن ٽن سالن ۾ 5 نيب آرڊيننس آيا، آرڊيننس سبب آزاد ٿيندڙن ۾ ڪير ڪير شامل هو، نيب قانون ۾ نئين ترميم پراڻي قانون جو ئي تسلسل آهي عدالت پاڻ کي 386 نيب ڪيسن تائين محدود نه رکي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌائي ڇڏيو نيب کان ڪهڙا سوال پڇڻا آهن اسان نوٽ ڪرايون ٿا، سرڪاري وڪيل جواب ۾ چيو ته نيب ٻڌائي ته پي ٽي آءِ جي آرڊيننس ذريعي ڪيترا ريفرنس واپس ٿيا ؟ ڪيترا ماڻهو بري ٿيا ۽ ٽرائل ڪورٽ بريت جون ڪيتريون درخواستون واپس ڪيون؟ جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا، جيڪڏهن نيب کي ختم به ڪري ڇڏجي ته ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ٻيا قانون موجود آهن ايئن چوڻ درست ناهي ته نيب ڪيسن مان بري ٿيندڙ صاف شفاف ٿي ڪري گهر هليا وڃن ٿا، اهو تاثر غلط آهي ته نيب ختم ٿيڻ سان قانون جي پڪڙ ختم ٿي ويندي،  تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته نيب ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ڪرڻ جو معيار ئي بدلايو ويو آهي، سوال اهو آهي ته نيب ڪيسن ۾ سزائون ٿيڻ کانپوءِ تازيون ترميمون ماضي کان ڪيئن لاڳو ٿي سگهنديون؟ ائين نٿو ٿي سگهي ته نيب قانون ۾ ترميمون آڻي لاڳو 1985ع کان ڪيو وڃي، جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته نيب قانون ۾ تازي ترميم عظيم ايمنسٽي آهي ۽ اها وڏي عجيب ڳالهه آهي. ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.