ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمٰن قمبراڻي) ميھڙ ۾ چونڊ کٽي چيئرمين جو اميدوار بڻيل  پي ٽي آءِ جو ضلعي دادو جو جنرل سيڪريٽري نياز علي ٻرڙو پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ پوليس نياز ٻرڙي جي گھر تي وڏن اٽالن جي مدد سان چڙھائي ڪري گھر جا درواز ٽوڙي کيس فجر مھل گرفتار ڪري وئي. پي ٽي آء اڳواڻ نياز علي ٻرڙو جي گھر  کي دادو پوليس جي 30 کان وڌيڪ پوليس موبائيلن ۾ سوار پوليس اھلڪارن گھيري ۾ ورتو ھيو بعد ۾ پوليس گھر جا دروازا ٽوڙي گھر اندر داخل ٿي پي ٽي آء اڳواڻ جي پٽ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏھن ته بعد ۾ پي ٽي آء اڳواڻ نياز علي ٻرڙو کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ھو جڏھن ته ميھڙ پوليس پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ ميونسپل ميھڙ جي چيئرمين جي اميدوار نياز علي ٻرڙو ۽ سندس ساٿين ھاشم ٻرڙو ، زبير سمون اصغر کوسو سميت 4 ڄڻن مٿان ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي  دھشتگردي ايڪٽ تحت  ڪلاڪشنڪوف ۽ حملي ڪرڻ جا اي ٽي سي جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن داخل ڪيسن مان ھڪ ڪيس ميھڙ ٿاڻي تي پ پ پ ايم پي اي ۽ صوبائي صلاحڪار ايم پي اي فياض علي ٻٽ جي وڏي ڀاء پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر امتياز علي پاشا ٻٽ جي فرياد تي مٿس فائر ڪري ۽ قتل جي ارادي سان حملو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو جڏھن ته ٻيو ڪيس پوليس پاران غير قانوني ڪلاشنڪوف رکڻ جو داخل ڪيو ويو آھي ميھڙ پوليس گرفتار پي ٽي آء اڳواڻ  نياز علي ٻرڙو کي اي ٽي سي ڪورٽ نوشھرو فيروز ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت پاران اي ٽي سي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا عدالت پوليس کي ڇنڊ پٽيندي ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪندي گرفتار جوابدار نياز علي ٻرڙو کي سيشن ڪورٽ دادو ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي.ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ضلعي دادو جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو جي گرفتاري خلاف دادو، ميهڙ، جوهي، راڌڻ ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ دادو ۾ عاشق حسين زئونر ، مشتاق احمد پنهور ۽ امتياز ڏاوڇ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  سنڌي ٻٽڙا ۾ به پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميع الله  جتوئي شوڪت علي ٻٽڙو فاروق احمد جتوئي ثاقب علي سولنگي رئيس ممتاز چانديو قربان علي چانديو نعمت الله  جتوئي سجاد علي جتوئي ۽ ٻين ڌرڻو هنيو.  جوهي ۾ امين وگهيو، دستگير رند،  عبدالغفور لنڊ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. راڌڻ مظھر جھتيال ڪائونسلر صداقت قاضي ۽ صابر راڌڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو .اڳواڻن جو  چوڻ ھو ته انتظاميا عقل کان ڪم وٺي گرفتار اڳواڻ کي آزاد ڪري ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ روڊ بلاڪ ڪيا ويندا.