هيگ (م ڊ) انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ (آءِ سي سي) يوڪرين ۾ جنگي ڏوهن جي الزام ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا موجب روس آءِ سي سي ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪندي فيصلي کي بي معنيٰ قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ سي سي ۾ روسي صدر خلاف گرفتاري جو وارنٽ ٻارن سميت ماڻهن کي غير قانوني طريقي سان يوڪرين کان روس منتقل ڪرڻ جي مبينا الزامن تحت جاري ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي طرفان انهن ئي الزامن تحت روس جي چائلڊ رائٽس بابت ڪمشنر ماريا بلووا جي گرفتاري جا به وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا پنهنجي ٽيليگرام چئنل تي چيو ته عالمي عدالت جو فصيلو اسان جي ملڪ لاءِ ڪا معنيٰ نٿو رکي، نه ان جي ڪا قانوني حيثيت آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ جي قانون تي روس پارٽي ناهي رهيو، تنهن ڪري عدالت وٽ ان عالمي قانون تحت به وارنٽ جاري ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي. هوڏانهن يوڪريني اختيارين آءِ سي سي جي فيصلي کي ساراهيندي ان کي يوڪرين ۽ عالمي قانوني نظام لاءِ تاريخي فيصلو قرار ڏنو.