اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري دوران ڳڻپ ڪندڙ عملي طرفان پروفارما تي مينوئل (هٿ سان لکيل) ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، شماريات کاتي ڳڻپ ڪندڙن پاران پروفارما تي هٿ سان ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي شماريات بيورو جي ڊائريڪٽر رفيق حسين ٽالپر پاران جاري ڪيل لکت ۾ هدايت ۾  چيو ويو آهي ته شماريات کاتي پروفارماتي هٿ سان لکيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو ڪو حڪم جاري نه ڪيو آهي، ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪئي پئي وڃي، پي بي ايس پورٽل ۽ ٽيلي فون جي ذريعي اها شڪايت ملي آهي ته ڪجهه ڳڻپ ڪندڙ شهرين کان گهريلو ڊيٽا کي شامل ڪرڻ لاءِ پروفارما ورهائي رهيا آهن، پي بي ايس پاران اهڙي ڪا به هدايت نه ڏني وئي آهي، ان طرح جي پروفارما جي گردش ايس او پيز ۽ تربيت جي خلاف ورزي آهي، تمام سپروائيزر ڳڻپ ڪندڙن کي پروفارما تي هٿ سان لکيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ کان روڪين، پروفارما تي هٿ سان لکيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ منع ٿيل آهي،  جيڪڏهن اهو معلوم ٿيو ته ذميوارن خلاف ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.