حيدرآباد: يوم مادر وطن جي جلسي ۾ بيدل مسرور، احمد مغل، نرودتا مالني، فقير قادر بخش خاصخيلي، وقار ملاح ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪيا. جلسي ۾ موجود ايس ٽي پي جا ڪارڪن سنڌ جا نعرا هڻندي قومي گيتن تي جهومندا رهيا. ان موقعي تي يوم مادر وطن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. جلسي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جن ۾ عورتون به وڏي انگ ۾ شامل هيون.