حيدرآباد: يوم مادري وطن جي جلسي ۾ انٽرنيٽ جي ٻولي بنائڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو ايوارڊ امر فياض ٻرڙو کي ڏنو ويو. امر فياض چيو ته ٻولي هزارن سالن جي امانت آهي ان کي بچائڻو پوندو. ٽيڪنالوجي جو خطرناڪ طوفان اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ان جي پروگرامنگ تحت نه هلياسين ته اسان کي اهو طوفان لوڙهي ڇڏيندو.