حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ مهاجر ديش ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، ملڪ کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آهي. حيدرآباد ۾ نيشنل هاءِ وي ڀرسان 31هين يوم مادر وطن جي جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ ملڪ جي ٻين صوبن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ لکين غير قانوني پناهگير به شامل آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ مهاجر ديش ٺاهڻ جي سازش ٿي رهي آهي. جيڪڏهن مهاجر ديش ٺهيو ته باقي وڃي ٻه ٽي ضلعا بچندا. سنڌ جي ماڻهن کان پڇڻ ٿو گهران ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته هو مادرِ وطن جي حفاظت واري جنگ جي ميدان ۾ بيهندا يا نه؟ هن چيو ته آئون اعلان ڪري غريبن جا ٻار نه مارائيندو آهيان. عمران خان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته مونکي اقتدار نه ڏنو ويو ته پاڪستان ٽي ٽڪرا ٿي ويندو. هن چيو ته يوم مادر وطن جو هي جلسو سنڌ جي سياست جي نئين تاريخ لکندو. جلسي ۾ شريڪ ماڻهو نوڪري جي درخواست کيسي ۾ وجهي نه آيا آهن ۽ نه ئي کين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 5 هزارن جو دلاسو ڏنو ويو آهي. جلسي ۾ شريڪ نوجوان اکين ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب کڻي آيا آهن ۽ هو سنڌ دشمنن کي اهو پيغام ڏين ٿا ته سنڌ سنڌين جو مادر وطن آهي. هي ڪنهن قابلي ۽ ڪنڌاري جو وطن نه آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته آصف زرداري پنهنجي پٽ بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ جي لاءِ سڄي سنڌ ڌارين کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ سوچي ٿو ته اڳتي هلي هو سنڌ جو بادشاهه بڻجي ويندو پر اسان پنهنجي وطن جي بقاءَ ۽ خوشحالي جي لاءِ رت جو ڦڙو ڦڙو قربان ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ 10 هزار ماڻهن جي قرباني ڏني. انهن جو نعرو پاڪستان ٽوڙڻ نه پر پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ جمهوريت زنده باد هو. هن چيو ته اڄ به سنڌ جي نوجوانن جا چچريل لاش گهرن ۾ پهچن ٿا. اوهان جنرل باجوا ۽ جنرل فيض کي ڪٽهڙي ۾ ڇو نٿا بيهاريو؟ اڄ پاڪستان هڪ ڊالر جي لاءِ آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ويٺا آهيو. عمران کي رڳو گهڙي چور چئي توهان پنهنجو پاڻ کي خراب ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته لکين رپين جا سوٽ ۽ جوتا پائيندڙ ۽ پرس کڻي گهمندڙ حڪمران جماعتن جا ماڻهو ڪيئن پاڪستان مان ڪرپشن ختم ڪري سگهندا. قادرمگسي چيو ته 75 سالن دوران جن ماڻهن جا قرض معاف ڪيا ويا انهن مان رڳو ملڪ رياض، عليم خان ۽ جهانگير ترين جهڙن 10 هزار ماڻهن جي لسٽ تيار ڪري انهن کان قرض واپس وٺي ملڪ تان اربين رپين جي ڊالرن جو قرض لاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته مون ڪوشش ڪئي ته سنڌ ۾ قومپرستن جو پارلياماني محاذ ٺهي پر ڪن پردا نشينن کي ڊاڪٽر قادر مگسي جون خدمتون قبول نه پيون ۽ قومپرستن جو اتحاد نه ٺهيو. مون هاڻ پنهنجي حڪمت تبديل ڪئي آهي. جيڪو سياست ڪرڻ چاهيندو ان کي گڏ کڻبو، باقي جنهن کي جي ڊي اي سان سياست ڪرڻي آهي اهو وڃي انهن سان سياست ڪري. اسان ڪنهن کي به ميار نه ڏينداسين. هن چيو ته هاڻي اسان هڪ نئون پارلياماني فورم جوڙڻ وڃون پيا. ان فورم ۾ پورهيتن، رسول بخش بخش پليجي جي ساٿين ۽ شهيد ڀٽو جي انهن ساٿين کي گڏ ڪنداسين جن ايم آر ڊي جي شهيدن جي خون سان سودو نه ڪيو. ان کانسواءِ سردار شاهه جي ميلن، ملاکڙن کان پري رهندڙ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي به گڏ کڻي نئين پارلياماني فورم ۾ آڻينداسين. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ ڪرپٽ وائيس چانسلر مقرر ٿيل آهن. لکين رپيا پگهارون کڻندڙ استاد اسان جي ٻارن کي نٿا پڙهائين. جلسي کي  نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪه نور الهديٰ شاهه، ذوالفقار هاليپوٽي، انعام شيخ، ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، حيدر شاهاڻي، حيدر ملاح، ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، ترقي پسند ناري تحريڪ جي صدر حاڪمزادي ٿيٻو، ستاف جي صدر ڄام مهدي رضا، سنڌ دوست سٿ جي اڳواڻ ڊاڪٽر سليم شيخ، اظهار سومرو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.