باهو کوسو (ن پ ا) يوسي لوگي ۾ پ پ، جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوارن چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آھي.ضلعي ڪائونسل اميدوار غضنفر جکراڻي جي اڳواڻي ۾ يوسي لوڳي چيئرمين اميدوار  داد محمد کوسو، وائيس چيئرمين مظفر جروار، وارڊ نمبر 1جي اميدوار نادر عيساڻي،  وارڍ نمبر 2 جي اميدوار رحمت الله سندراڻي، وارڍ 3 جي  اميدوار اسلم کوسو  جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي. اميدوارن پاران مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون به ڪوٺايون ويون.