عمرڪوٽ (رپورٽر) عمر ڪوٽ ۾ اميدوارن جي چونڊ مهم تيز ٿي وئي، ڪارنر گڏجاڻيون پڻ جاري آهن، تفصيل موجب عمر ڪوٽ ضلعي ۾  پ پ، جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن جي ورڪن جو سلسلو جاري آهي. گذريل رات پ پ اميدوار رميش ڪمار رتناڻي وارڊ 7 ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪئي ان موقعي تي هڪ پورهيت پونم چند ميگھواڙ مٿس گارگند ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، پنهنجي  اخبار سان ڳالهائيندي پورهيت  الزام هنيو ته گذريل رات دير سان پ پ جي وارڊ نمبر 7 جو اميدوار رميش ڪمار رتناڻي ۽ سندس گڏ هڪ پرائمري استاد آسن داس نائي کان هڪڙو سوال ڪيو ته سيف خالد سراج سومرو، نور علي شاھ ۽ راڻا همير سنگھ ڪٿي آهن هنن جو به پروگرام هو پر آيا ڪونه ڇو، هن چيو ته منهنجي هڪڙي سوال تي رميش ڪمار رتناڻي ڏمرجي مونکي گارگند ڪئي. هن مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، اليڪشن ڪميشن عمرڪوٽ ۽ وزير تعليم سردار شاھ نوٽيس وٺي.