سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) بلدياتي اليڪشن ۾ سجاول جي يونين ڪائونسل ٻيلو تان سجاول جي سينيئر سياسي شخصيت اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي جو بنا مقابلي ڪاميابي جا امڪان وڌي ويا آهن. ڄاڻايل يونين جي سيٽ تي سيد شفقت حسين شاھ شيرازي جي مقابلي ۾ نامزد تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار ڌڻي ڏنو جاکرو جي تائيد ڪندڙ آزاد خان سمون نالي همراھ اميدوار جي تائيد ڪرڻ تان ڦري ويو آهي، جنهن سبب ڌڻي ڏنو جاکرو جو اليڪشن ۾ حصو وٺڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان يونين ڪائونسل ٻيلو جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ سجاول جي عوام جي توجه جو مرڪز بڻيل آهي. ڄاڻايل سيٽ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار سجاول جي سينيئر  سياسي شخصيت اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي کي بنا مقابلي اليڪشن ۾ ڪامياب بنائڻ ڪوششون جاري آهن. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين ميرپور بٺورو واسڻ عورت هير آزاد زئور ان ئي سيٽ تي سيد شفقت حسين شاھ شيرازي جي مقابلو ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ نامزدگي فارم وصول ڪيو هو پر ان کي مبينا طور ساٿ ڏيڻ جا واعده ڪندڙ ساٿي عين وقت تي منهن موڙھي ويا ۽ سندس تائيد ۽ تجويز ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.