غزه (م ڊ) فلسطين ۾ وڌيڪ 62 ڄڻا شهيد ٿي ويا. اسرائيل رمضان کان پوءِ رفح ۾ وڏن حملن جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. حماس ڪمانڊر سڄي دنيا جي مسلمانن کي غزه ڏانهن مارچ ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن  گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عهديدار چيو آهي ته غزه ۾ ڏڪار اسرائيل جو جنگي ڏوهه بڻجي سگھي ٿو. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب اسرائيل جي پيدا ڪيل ڏڪار جي نتيجي ۾ فسلطيني شهري خاص طور تي ٻارڙا بک سان شهيد ٿي رهيا آهن. ان صورتحال تي گڏيل قومن جي اعليٰ عهديدار والڪر تُرڪ چيو آهي ته اهو يقين جوڳو خيال آهي ته اسرائيل پاران غذائي کوٽ کي غزه ۾ جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. انساني حقن جي لاءِ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر والڪر تُرڪ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن، اسرائيل جو ارادو ثابت ٿي ويو ته اهو هڪ جنگي ڏوهه تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته اهڙا ثبوت به سامهون آيا آهن جن مان ثابت ٿيو آهي ته اسرائيل پاران امداد جي پهچ کي روڪيو پيو وڃي.  يا ان عمل کي سست ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي سمورن ساٿين پاران اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته امدادي سامان جي پهچ ۾ ڪيتريون ۽ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ الزام اسرائيل تي هنيو پيو وڃي.