اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيھي معامرن واري وزارت جي ترجمان ممتاز زھرا بلوچ چيو آھي ته پاڪستان ۽ چين ويجھا دوست آھن، پاڪستان چيني حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آھي. پاڪستان ھر قسم جي دھشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. چيني رھواسين جي سيڪيورٽي ھر صورت ۾ ممڪن بڻائينداسين. هن چيو ته بشام واقعي جي جاچ جاري آھي. ڪو ملڪ يا فرد جيڪو چيني رھواسين کي ٽارگيٽ ڪري ٿو اھو پاڪستان جو دشمن آھي. ھفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زھرا بلوچ جو چوڻ ھو ته پاڪستان ۽ چين حملي جي جاچ جي حوالي سان رابطي ۾ آھن. حڪومت پنھنجي عوام ۽ سيڪيورٽي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رھي آھي. حملي بعد چيني حڪومت جي ڳڻتي جائز آھي. ھن چيو ته فلسطين ۾ جاري بريريت کي ختم ٿيڻ گھرجي، جنگبندي جي قرارداد باوجود غزا ۾ ظلم جاري آھي.  ڪشميرين کي حق خوداريت ملڻ تائين پاڪستان انھن جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارتي اختياريون  والاريل ڪشمير ۾ ملندڙ ليٿم جي ذخيرن کي نيلامي لاءِ پيش ڪيو آھي. خدشو آھي ته انھن نذخيرن جو ڪانٽريڪٽ ٻاھرين  ڪمپنين کي ڏنو ويندو. ھي ذخيرا ڪشميري عوام جي ملڪيت آھن جن جو استحصال ڪيو ويندو. ھن چيو ته ھن سيڪريٽري ڪامرس افغانستان جو دورو ڪيو، اُتي واپار ۽ ويزا متعلق افغان حڪومت سان ڳالھيون ڪيون. ھن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جو بارڊر اھم بارڊر آھي. ھن بارڊر کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان بارڊر تي کاردار تار لڳائي آھي.