اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم  شھباز شريف ڪالھه نيول ھيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو. نيول ھيڊڪوارٽر آمد تي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزير اعظم جو استقبال ڪيو. وزير اعظم ملڪي بحري سرحدن جي دفاع، گوادار بندرگاھه سميت چين پاڪستان اقتصادي راھداري کي سيڪيورٽي جي فراھمي ۽ علائقائي امن لاءِ پاڪ بحريه جي ڪارڪردگي کي ساراھيو ۽ نيول ايئر بيس تي دھشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحريه جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪئي. ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظھار ڪرڻ تي وزير اعظم جو شڪريو ادا ڪيو. وزير اعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو ته حڪومت معاشي ترقي ۾ ميري ٽائم سيڪيٽر جي  اهميت کي نظر ۾ رکندي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آھي. ان موقعي تي وزير اعظم کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو. وزير اعظم شھيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙھي فاتح پڙھي. وزير اعظم کي  ميري ٽائم سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ پاڪ بحريه جي ضرورتن متعلق بريفنگ ڏني وئي.