خيرپور (رپورٽر) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ  هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي ڪراچي پاران ويڪسينيٽرز ۽ ڊسپنسرزجي ٽريننگ ڪورس سيشن23- 2022 لاءِ لسٽ پڌري ڪئي وئي آهي. ميرٽ مطابق ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ايم ايس آفيس سول اسپتال خيرپور ٻاهران لڳائي وئي آهي. اميدوار هڪ هفتي اندر پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ، ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ، مارڪ شيٽ، ڊوميسائل، پي آر سي فارم ۽ ٻن تازن فوٽن سان گڏ ٽريننگ سيشن ۾ شريڪ ٿين.