حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف ھيريٽيج ريسرچ پاران  سڀاڻي 19 جون تي ستون قومي سيمينار منعقد ڪيو ويندو. اداري جي ڊائريڪٽر الطاف محبوب جوکيو موجب ته مقامي هوٽل ۾ منعقد سيمينار ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کي 100 سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ مقالا پڙهيا ويندا جڏهن ته سيمينار دوران قلمي نسخن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ مقالا به پيش ٿيندا. اداري پاران ڇپايل چئن نون ڪتابن جي پڌرائي به سيمينار دوران ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ اديبن، ٻولي ماهرن، شاعرن، سگهڙن توڙي صحافين کي دعوتون ڏنيون ويون آهن.