وفاقي بجيٽ 2021-22: گهٽ ۾ گهٽ پگهار 20 هزارمقرر ، پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو، اپوزيشن جو شديد گوڙ

0
371

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 2021-22 جي وفاقي بجيٽ وفاقي وزير شوڪت ترين پاران پيش ڪئي پئي وڃي. شوڪت ترين جي تقرير شروع ٿيندي ئي اپوزيشن پاران شديد گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي بجيٽ جو حجم 8 هزار 487 ارب رپيا رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ 900 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊ هاڪ اضافو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پينشن ۾ پڻ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ساڳي وقت ملڪ ۾ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پگهاردار طبقي تي ڪو نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويندو ، طاقتور گروپن لاءِ ٽيڪس ۾ رعايت ختم ڪئي ويندي ، مقامي طور تي ٺاهيل گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو کان گهٽائي 12.5 سيڪڙو ڪئي ويندي.