وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبريون

0
541

اسلام آباد: نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبرين جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته پهرين جولاءِ 2021 کان سمورن وفاقي ملازمن کي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو ويندو. سمورن پينشنرز جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، اردلي الائونس 14 هزار ماهوار مان وڌائي ساڍا 17 هزار ڪيو ويو آهي. گريڊ هڪ کان 5 تائين جي ملازمن جي انٽيگريٽيڊ الائونس کي 450 مان وڌائي 900 ڪيو ويو آهي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي مهانگائي جي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا رکي وئي آهي.