ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو ھڪ ڏينهن اڳ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس داخل، 6 جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾   ڳوٺ الهورايو منگواڻو ۾ زمين جي مالڪي تان منگواڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ھئا، جنهن  جو ڪيس منگلي ٿاڻي تي يعقوب منگواڻو جي فرياد تي 8 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  پوليس ڪارروائي ڪندي 6 جوابدارن کي گرفتاري ڪري ورتو آهي.