ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي سڏ تي مسئلن جي حل لاءِ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڪامريڊ ڏامرو مل، ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  ٿر جهڙي پرامن علائقي بدامني عروج تي پهچي چڪي آهي، چوپائي مال جي چوري عام آهي، هاڻي گهرن جي اندر ڌاڙا پيا لڳن، وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي، پر انتظاميا توڙي پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.