قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجھو ڪريم آباد اسٽاپ تي 3 مهينا اڳ گهرو معاملي تان مڙس هٿان قتل ٿي ويل زال مسمات عائشه  ملاح ۽ سهري لال بخش ملاح جي ٻٽي قتل واري ڪيس ۾ سول جج قاضي احمد جي عدالت ۾ پوليس پاران چالان پيش ڪيو ويو، پوليس پاران جوابدار اصغر ڪلهوڙو جو نالو جاچ دوران ڪيس مان خارج ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، عدالت پاران فريادي جي وڪيل ايڊووڪيٽ سچل مجيب ماڇي جي دليلن بعد  سمورن جوابدارن جي خلاف مڪمل ثابتي هئڻ جي بنياد تي ڪيس چالان ڪري، سيشن جج نوابشاهه ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ياد رهي ته  3 مهينا اڳ فريادي الا بخش جي مدعيت ۾ قاضي احمد ٿاڻي تي جوابدارن غلام قادر ڪلهوڙو ، شهمير ڪلهوڙو ، حضور بخش ۽ اصغر ڪلهوڙو خلاف ٻٽي خون جو ڪيس داخل ڪرايو هو، فريادي  موجب سڀني جوابدارن منهنجي ڀاءُ لال بخش ۽ ڀائٽي مسمات عائشه کي فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.