ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو  گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول جي عمارت زبون حال، عمارت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگرياڻين ۾ ڀاڄ، ان ڏس ۾ ورڪشاپ ويجهو چڪ نمبر ٽي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ تدريسي عمل جي دوران ڇت جا چاپڙ ڪري پيا،  جنهن سبب  اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين ۾ خوف  ڇانئجي ويو، شاگردياڻيون معجزاڻي طور محفوظ رهيون، ان حوالي سان اسڪول جي پرنسپال  شازيه نسيم ٻڌايو ته  برساتن سبب اسڪول جي ڇت تمام ڪمزور ٿي چڪي آھي، ڪيڏي مھل به ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، شڪايتن باوجود تعليم کاتي اسڪولي عمارت جي مرمت ناهي ڪرائي، نوٽيس وٺي اسڪولي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.