اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مالي سال 24-2023ع دوران صوبن کي مجموعي طور تي 5276 ارب رپيا منتقل ٿيندا، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران صوبن کي مجموعي طور تي 4129 ارب رپيا منتقل ٿيا، ناڻي وزير پاران  قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بجيٽ دستاويزن مطابق نئين مالي سال 2023-24ع دوران پنجاب صوبي کي 2626 ارب 12 ڪروڙ 90 لک رپيا ملندا، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران پنجاب صوبي کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 2042 ارب 10 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، سنڌ صوبي کي نئين مالي سال دوران اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 1304 ارب 24 ڪروڙ 60 لک رپيا ملندا، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران سنڌ صوبي کي 1019 ارب 30 ڪروڙ 30 لک رپيا ملندا، جڏهن ته خيبر پختونخوا صوبي کي نئين مالي سال دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت 866 ارب 57 ڪروڙ 30 لک رپيا منتقل ٿيندا، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران خيبر پختونخوا صوبي کي 678 ارب 58 ڪوڙ 80 لک رپيا ڏنا ويندا، بلوچستان صوبي کي نئين مالي سال دوران مجموعي طور تي 479 ارب 5 ڪروڙ 30 لک رپيا ملندا، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران بلوچستان صوبي کي 389 ارب هڪ ڪروڙ مجموعي طور تي جاري ٿيا، پيش ڪيل بجيٽ دستاويز ۾ انڪشاف ڪندي اهو اعتراف ڪيو ويو آهي ته ختم ٿيندڙ مالي سال 23-2022ع جي منظور بجيٽ تحت اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي مجموعي طور تي 4372 ارب 56 ڪروڙ 50 لک جاري ٿيڻا هئا، وفاقي حڪومت ان رقم جي فراهمي ۾ 243 ارب 56 ڪروڙ 40 لک رپين جو ڪٽ لڳائي صوبن کي ختم ٿيندڙ مالي سال جي 30 جون تائين مجموعي طور تي 4129 ارب جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران پنجاب صوبي کي 2167 ارب بجاءِ 30 جون تائين 2042 ارب ملندا، سنڌ صوبي کي منظور ٿيل بجيٽ موجب 1097 ارب بجاءِ 1019 ارب رپيا ملندا، خيبر پختونخوا کي 713 ارب بجاءِ 678 ارب، بلوچستان کي 394 ارب بجاءِ 389 ارب رپيا 30 جون تائين ڏنا ويندا.