اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار مالي سال 2023-24ع جي 14 هزار 460 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، ايندڙ مالي سال دوران ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو اعلان، ملڪ ۾ لاڳو مختلف ٽيڪسن جي شرح ۾ واڌ، جڏهن ته گريڊ هڪ کان گريڊ 16 جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو، گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ سان گڏ مختلف الائونسن کي ٻيڻ تي وڌائڻ ۽ پينشن ۾ساڍا 17 سيڪڙو  واڌ، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 32 هزار مقرر ڪرڻ جو اعلان، جڏهن ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرن جو گهيرو تنگ ڪرڻ، فنانس بل ذريعي پرڏيهي ڪرنسي جي ذخيره اندوزي کي ڏوهه قرار ڏيڻ سان گڏ پرڏيهه مان سال دوران هڪ لک ڊالر تائين آڻيندڙن کان آمدني جو ذريعو نه پڇڻ جو اعلان، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار پهرين جولاءِ 2023 کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال 2023-24ع جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، مالي سال 2023-24ع جي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 14 هزار 460 ارب رپين جو آهي، ايف بي آر لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب، نان ٽيڪس وصولين جو هدف 2963 ارب مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ مجموعي ٽيڪس آمدني 12163 ارب هوندي، جنهن مان صوبن کي مجموعي طور تي 5 هزار 276 ارب اين ايف سي ايوارڊ تحت منتقل ڪرڻ کان پوءِ وفاق وٽ ڪل ٽيڪس آمدني مان باقي 6887 ارب رپيا بچندا، جڏهن ته وفاق جو نئين مالي سال 2023-24ع دوران ڪل خرچن جو ڪاٿو 14 هزار 460 ارب رپيا آهي، ائين پيش ڪيل بجيٽ 7573 ارب رپين جي خساري جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت نئين مالي سال دوران بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ 7573 ارب رپين جا مختلف ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن کان قرض وٺي خسارو پورو ڪندي، نئين مالي سال 2023-24ع دوران جاري خرچن جي مد ۾ 13 هزار 720 ارب رپيا خرچ ٿيندا، جن ۾ قرضن تي وياج جي مد ۾ 7303 ارب رپين جي ادائگي ٿيندي، پينشن لاءِ 761 ارب، دفاع لاءِ 1804 ارب، بجلي، گيس ۽ ٻين شعبن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سبسڊيز جي مد ۾ 1074 ارب، وفاقي حڪومت جي جاري خرچن لاءِ 714 ارب،گرانٽن جي مد ۾ 1464 ارب، هنگامي خرچن لاءِ 200 ارب، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 950 ارب جڏهن ته 200 ارب سرڪاري ۽ نجي شعبي جي تعاون سان وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ ان کانسواءِ خرچ ٿيندا، ائين آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا ۾ ضم ٿيل اڳوڻي فاٽا جي علائقن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ريلوي ۽ ٻين کاتن لاءِ مجموعي طور تي 1464 ارب رپين جي گرانٽ رکي وئي آهي،  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 450 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ناڻي وزير پاران پيش ڪيل بجيٽ توڙي فنانس بل  ذريعي کاڄرو تيل تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ، تعميراتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 10 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ، ڊالر ۽ ٻين ڪرنسين جي ذخيرا اندوزي کي قابل سزا ۽ ڏنڊ ڏوهه قرار ڏيندي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا لاءِ فنانس بل ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي، پرڏيهه مان پاڪستان ۾ هڪ سال دوران هڪ لک ڊالر تائين پيسا ڪو به شهري آڻي سگهندو، ان کان آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، هن وقت آمدني جا ذريعا ظاهر ڪرڻ کانسواءِ 50 لک رپين جي ماليت جي غير ملڪي ڪرنسي آڻڻ جي اجازت آهي، ٽيٽرا پيڪ کير، پيڪيٽ ۾ بند ٿيل ڏهي، پيڪنگ ۾ ايندڙ مکڻ ۽ پنير مهانگا ٿيندا، ٽن پيڪ ۾ ايندڙ مڇي، ڊٻي ۾ بند ٿي ايندڙ مرغي جو گوشت، آنن جا پيڪيٽ به مهانگا ٿيندا، انهن تي مجموعي ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو لاڳو ٿيندي، امپورٽيڊ ڪپڙا به مهانگا ٿيندا، جن تي جي ايس ٽي 12 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پرڏيهه مان پيسا موڪلي ملڪيت خريد ڪرڻ تي لاڳو 2 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪئي پئي وڃي، ٽيڪسٽائل شعبي جي خام مال تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ، سولر پينل جي مينوفيڪچرنگ جي خام مال تي ڪسٽم ڊيوٽي به ختم ٿيندي. ناڻي وزير اسحاق ڊار نئين مالي سال جي لاءِ معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو رکڻ جو اعلان ڪندي نئين مالي سال لاءِ مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو تائين آڻڻ، بجيٽ خسارو 6.54 سيڪڙو تائين رکڻ، جڏهن ته ايڪسپورٽ جو هدف 30 ارب ڊالر مان وڌائي 33 ارب ڊالر رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، پينشن جي مستقل خرچن لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي وزير بجيٽ تقرير دوران ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏنو وڃي، روزگار جا موقعا وڌايا وڃن، ڪاروبار لاءِ  آسانيون پيدا ڪيون وڃن، صنعتن  جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿئي، مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌن،  هن چيو ته سروس، سپلاءِ ۽ ڪانٽريڪٽس تي هڪ سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، اهو فردن، ايسوسيئيٽس آف پرسنس ۽ ڪمپنين تي به لاڳو ٿيندو ۽ ائين سروسز تي ڪنسينسري ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي پر اهو چانور، ڪپهه جي ٻجڻ، کاڄرو تيل، پرنٽ اينڊ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ اسپورٽس تي نه ٿيندو، هن چيو ته وڌيڪ آمدني وارن 15 بزنسن ۽ شعبن تي 10 سيڪڙو جي شرح سان سپر ٽيڪس لڳائي وئي هئي، سپر ٽيڪس گهٽ ۾ گهٽ 15 ڪروڙ سالياني آمدني رکندڙن تي لاڳو ٿيل آهي، جنهن جي شرح ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، سالياني طور تي 20 کان 30 ڪروڙ ڪمائيندڙن تي 3 سيڪڙو، 30 کان 35 ڪروڙ ڪمائيندڙن تي 4 سيڪڙو، 40 ڪروڙ تائين ڪمائيندڙن تي 6 سيڪڙو، 50 ڪروڙن تائين ڪمائيندڙن تي 8 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ان کان وڌيڪ آمدني وارن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندي، جڏهن ته 15 کان 20 ڪروڙ آمدني رکندڙن تي هڪ سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ڪمرشل امپورٽس تي ٿيندڙ آمدني تي 0.50 سيڪڙو ٽيڪس لڳندي، ڪمپنين طرفان جاري ٿيندڙ بونس شيئرز تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳندي، ماڻهن پاران بينڪ کان ڪيش ود ڊرا ڪرڻ تي به ٽيڪس شرح ۾ اضافو ٿيندو، 50 هزار کان وڌيڪ  پيسا ڪڍرائڻ تي 0.6 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ملڪ ۾ 3 هزار جي لڳ ڀڳ غير ملڪي شهري پاڪستان جي امير گهراڻن ۾ مددگار جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جن جي سالياني آمدني 6 هزار ڊالر تائين آهي، انهن تي سالياني وٿ هولڊنگ ٽيڪس 2 لک رپيا لڳائي پئي وڃي، ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ ذريعي پرڏيهه ۾ پيسا ڪڍرائڻ تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس هڪ سيڪڙو کان وڌائي 5 سيڪڙو، جڏهن نان فائلرن لاءِ اها ٽيڪس 10 سيڪڙو هوندي، ٽيڪسٽائل ۽ ليڌر مصنوعات جي ڪيٽيگري هڪ جي رٽيلرن تي جي ايس ٽي جي شرح 12 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي، بنيادي طور تي اها ٽيڪس برانڊيڊ ٽيسڪٽائل ۽ ليڌر جي قيمتي مصنوعات تي لڳل آهي، جنهن ڪري ان جو عام ماڻهو تي ڪو اثر نه ٿيندو، ناڻي وزير اعلان ڪندي چيو ته اڳوڻي فاٽا ۽ بلوچستان جي پاٽا جي علائقن کي 5 سالن جي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي هئي، جيڪا 30 جون تي ختم ٿي ويندي، ان ۾ وڌيڪ هڪ سال توسيع ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو، ڪيٽيگري هڪ جي رٽيلر ۾ ڪورڊ ايريا جي بنياد تي لڳل ٽيڪس کي ختم ڪيو پيو وڃي، 1300 سي سي  کان وڌيڪ گاڏين تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن کي گڏائڻ وارو سلسلو به ختم ڪيو پيو وڃي،  جنهن سان گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلاس (شيشو) مينوفيڪچر جي مختلف قسمن جي امپورٽ تي ڊيوٽي 15 سيڪڙو کان وڌائي 30 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي، اها ٽيڪس مقامي گلاس جي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ لڳائي پئي وڃي، اسلام آباد ۾ هوٽلن تي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادائگي ڪرڻ تي ٽيڪس 15 سيڪڙو کان گهٽائي 5 سيڪڙو ورتي ويندي. ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن سان ملڪ ڊفالٽ کان بچي ويو، حڪومت آءِ ايم ايف جي نائين جائزي جا شرط پورا ڪري ورتا آهن، آءِ ايم ايف جو پروگرام حڪومت جي ترجيح آهي، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري رکيون ويون آهن، اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيح ٿي وڃي، جولاءِ 2022ع کان هن وقت تائين حڪومت ماضي جي حڪومت  جي ورتل 12 ارب ڊالر غير ملڪي قرضن جي مد ۾ ادا ڪري چڪي آهي، قرضن جون تمام پرڏيهي ادائگيون بروقت ٿي رهيون آهن ان باوجود ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذيرا 9 ارب 34 ڪروڙ ڊالر آهن، ٻوڏ متاثر علائقن جي ٻيهر بحالي لاءِ حڪومت 578 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، صنعتي شعبي تي نئين مالي سال دوران ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو پيو وڃي، هي چونڊ بجيٽ هجي ها ته ان جا  خدوخال ئي ٻيا هجن ها، آزاد تجزيي ڪار بجيٽ کي ڏسي چوندا ته هي ملڪي ترقي جي بجيٽ آهي سياسي بجيٽ نه آهي، نئين مالي سال ۾ زرعي شعبي کي قرضن جي فراهمي 1800 ارب کان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪئي پئي وڃي، ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس کي پروفيشنل ٽريننگ ڏني ويندي، زراعت، تعميرات ۽ ايس ايم اي شعبي کي قرض ڏيندڙ بينڪن کي اهڙن قرضن مان ٿيندڙ آمدني تي 39 سيڪڙو بجاءِ 20 سيڪڙو ٽيڪس ايندڙ ٻن سالن تائين ورتي ويندي، ننڍن ڪاروبارن لاءِ رعايتي قرضن جي فراهمي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ناڻي وزير پگهارن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو جڏهن ته  گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، پينشنن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، ڊيلي الائونس جي مد ۾ 50 سيڪڙو، ايڊيشنل ڪرنٽ چارج الائونس 12 هزار کان وڌائي 18 هزار ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ماهوار گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار کان وڌائي 32 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد: حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 200 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائي ڇڏا آهن. ان ڏس ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر ) جي چيئرمين عاصم احمد بجيٽ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ 200 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳايا ويا آهن، جنهن ۾ 175 ارب رپين جا سڌي ريت ٽيڪس لڳايا ويندا، جڏهن ته 25 ارب رپين جا اڻ سڌي ريت ٽيڪس لڳايا ويا آهن. هن ٻڌايو ته اي ٽي ايم ۽ ٻين ڪارڊن مان پرڏيهه ۾ پيسا ڪڍائڻ تي ڊيوٽي ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي، پرڏيهه ۾ نان فائلر پيسا ڪڍرائڻ تي 10 سيڪڙو ودهولڊنگ ٽيڪس ڀرينداجڏهن ته فالر تي 5 سييڪڙو ٽيس لاڳو ٿيندو. بينڪن مان رڪم ڪڍرائڻ لاءِ نان فائلر تي 0.6 سيڪڙو ودهلوڊنگ ٽيڪس بحال ڪيو آهي. هن چيو ته بونس شيئر تي 10 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لڳندو، ان کان سواءِ ماڻهن ۽ ڪمپنن تي سپر ٽيڪس جي شرح ۾ اصافو ڪيو ويو آهي، ايف بي آر چيئرمين موجب نئين بجيٽ ۾ 200 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن جن ۾ برانڊڊ ٽيڪسٽائيل، ليڌر جي پي او ايس تي 12 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي آهي. اسپورٽس جي سامان، جي پي او ايس تي رٽيلر ٽيڪس 12 مان 15 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 1300 سي سي کان وڏين ايشيائي گاڏين تي درآمدي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي،  پراڻي بلب جي استعمال تي به ٽيڪس ڀرڻو پوندو. پراڻي بلب جي استعمال تي 20 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت پکن تي به 2 هزار رپيا في پکو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو. تعميراتي شعبي ۾ ٽيڪس شرح ختم ڪيو ويو آهي. نوجوانن کي ڪاروبار جا موقعا ڏينداسين. دڪانن تي ٽيڪس لاءِ اسڪوائر فوٽ جي شرط ۾ نرمي ڪئي وئي آهي.  هن چيو ته سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 22 ارب رپين جا ٽيڪس قدم شامل آهن. وڌيڪ 200 ارب رپين جا ٽيڪس شامل ڪري هدف 9200 ارب رپيا ٿيندو.