ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين پاران 77 هين ڏينهن به پريس ڪلب ٺٽو آڏو ڪراچي ٺٽو قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پاڻي جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ان موقعي تي شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي ، دلاور شيخ ، لالا غفار ، عرفان ميرجت ، ڊاڪٽر ولي جاکرو ، حافظ عباسي ، بابو خشڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته لاڳيتي احتجاجن باوجود هن مهل تائين ٺٽي واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي مستقل بنيادن تي فراهمي جاري ناهي ڪئي وئي هنن چيو ته پاڻي جي شهرين جي گھرن ۾ لاڳيتي کوٽ سبب شهري ڪين ۽ ٽئنڪر مافيائن جي ور چڙهي ڳري اگھن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن هنن چيو ته لاڳيتو پاڻي لاءِ هو قومي شاهراھ تي اچي گذريل 77 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن پر هن مهل تائين سندن احتجاج طرف چونڊيل عيوضن توڙي لاڳاپيل اختيارين پاران پڻ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو جنهنڪري شهرين ۾ سخت ڳڻتي واري لهر پکڙجي وئي آهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي فوري طور تي ٺٽي شهر کي ڪي ڊي اي واھ مان پيئڻ جي پاڻي جي مستقل بنيادن تي پاڻي جي فراهمي جاري نه ڪئي وئي ته سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.