خانپور مھر (رپورٽ: شاد مهر) خانپور مهر ۾ پنج ڏينھن اڳ ٿاڻي اندر تشدد جو نشانو بڻايل وجي ڪمار ميگھواڙ معاملو عدالت پھچي ويو، ھڪ ٻئي خلاف 3 پٽيشنون داخل، ناريءَ کي حراسان ڪرڻ جو الزام ھڻي پوليس ذريعي تشدد ڪرائڻ جي تهمت تحت 5 ڄڻن سميت ايس ايچ او خانپور مھر ۽ ٻن نامعلوم اھلڪارن مٿان پٽيشن داخل، ٻِي ڌر به عدالت پھچي وئي. تشدد جو شڪار ٿيل وجي ڪمار سميت ٻن ڄڻن مٿان ناريءَ کي حراسان ڪرڻ جي پٽيشن داخل ڪرائي وئي.

تفصيل موجب خانپور مھر ٿاڻي اندر پنج ڏينھن اڳ سخت تشدد جو نشانو بڻايل وجي ڪمار ميگھواڙ وارو معاملو عدالت پھچي ويو. ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان پنھنجن وڪيلن معرفت پٽيشنون داخل ڪرائي ڇڏيون. تشدد جو شڪار وجي ڪمار ميگھواڙ پنھنجي وڪيل عبيدالله گھوٽو معرفت گھوٽڪي جي عدالت ۾ پنجن ڄڻن بچار رام، موتي رام، امبريش ڪمار، ھريش ڪمار ۽ ايس ايچ او خانپور مھر اربيلو سميجو ۽ ٻن نامعلوم پوليس اھلڪارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي مؤقف اختيار ڪيو آھي ته کيس ناريءَ کي حراسان ڪرڻ جو الزام ھڻي پوليس حوالي ڪري وحشياڻو تشدد ڪرايو ويو.

ھوڏانھن ٻِي ڌر جي امبريش ڪمار پڻ پنھنجي وڪيل صدام چند  معرفت تشدد جو شڪار وجي ڪمار ۽ گنيش ميگھواڙ مٿان ناري مانسيءَ کي نشي جي حالت م  حراسان ڪرڻ جي الزام تحت پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آھي. ان کان علاوه بچار رام، موتي رام، اشوڪ ڪمار، ھريش ڪانيا ء رميش ڪمار پاران وڪيل صدام چند معرفت ھڪ وڌيڪ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي وئي آھي جنھن ۾ ميگھواڙ برادريءَ جي 8 ڄڻن وجي ڪمار، گوبند، لال چند، ڪيول رام، سگنو، وڪرم، امرلعل ۽ وجي ڪمار مٿان حراسان ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي.