ٽنڊوآدم (ن پ ا) ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊوآدم رميش ڪمار جي عدالت 16 لکن جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ پڪي ضمانت لاءِ درخواست ڏيندڙ جوابدار محمد شاھد پٽ عبدالحڪيم سوناري جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پوليس جوابدار کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار پاران ليکڪ ساگرڏهراج جي پٽ ڪمال خان ڏهراج کي ڪاروبار لاء ڏنل 16 لکن جي عيوض ڪوڙو چيڪ ڏنو هو، جيڪو بائونس ٿي ويو هو.