باھو کوسو: لوڪ فنڪار محمد وارث عرف واسو گاجاڻي 2 شاديون ڪيون، جنھن مان ھن کي 2 پٽن ۽ 2 نياڻين جو اولاد ٿيو، سندس وڏي گھرواري ۽ ھن جا 2 پٽ حياتي ۾ فوت ٿي ويا، ھن جو ھڪ پٽ پوليس ۾ ھن جي رٽائرمينٽ بعد ڀرتي ٿيو.محمد وارث عرف واسو گاجاڻي سرڪاري ملازمت بعد فن کي تمام گھڻو وقت ڏنو، 4 مھينن کان وٺي ھي شگر،  ڪاري ڪامڻ، بڪين جي بيماري سبب بيماري بستر ڀيڙو ٿيو، جنھن بعد ھن جي گھريلو مالي حالتون به خراب رهيون، هن مفلسي واري زندگي گذاريندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.