ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ غربت کان تنگ شهري بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو، ريسڪيو ٽيمن منٿون ڪري کيس هيٺ لاٿو،  ايڌي ذريعن موجب بلديه  9 نمبر ۾ 40 ورهين جو هڪ شخص بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو، جنهن کي رضاڪارن وڏين ڪوششن سان باحفاظت هيٺ لاٿو. ايڌي ذريعن موجب ڄاڻايل شخص غربت کان تنگ اچي ٿنڀي تي چڙهيو هو