وارھ (ن پ ا) وارھ ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن غلام مصطفيٰ کاهوڙي، عرفان منان، هاشم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته سرڪار متاثرن جي مدد نه پئي ڪري، هزارين بي گهر خاندان کليل آسمان هيٺ بک وگهي مري رهيا آھن. متاثرين مليريا، گيسٽرو، چمڙي ۽ ڳلي جي بيمارين ۾ ورتل آھن. غذائي کوٽ سبب ڪيترن ئي عورتن توڙي  ٻارڙن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آھن. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي سهائتا ڪئي وڃي.