حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽنڊو يوسف جي علائقي بدين چالي ۾ اتفاقي گولي لڳڻ سبب 5 سالن جو نينگر فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته انس حارث پٽ محمد ياسر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارثن پاران سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور ه سهندي فوت ٿيو. نينگر جي وارثن سول اسپتال جي انتظاميا کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل نينگر گهر ۾ موجود پستول سان راند پئي ڪئي ۽ پستول لوڊ هئڻ سبب اتفاقي فائر ٿي ويو جيڪا گولي نينگر کي ڳلي کان آر پار ٿي جنهن سبب هو فوت ٿيو آهي. اسپتال انتظاميا پاران نينگر جي فوتگي بابت ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. پوليس پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ ورتو آهي ۽ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته وارث ڀلي ڪجهه به ٻڌائين پر معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.