دادو (رپورٽر) فريدآباد ڀرسان ٻوڏ هيٺ آيل رئيس عبدالله ڳوٺ جي ٻوڏ متاثر مسمات صغرا دادو اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ نرسن پاران مبينا طور ڇڙٻون ڏئي تذليل ڪرڻ تي روئي ڏنو، ان حوالي سان  مسمات صغرا روئيندي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ پاڻي آيو، گهر ڊهي پيو، ڇت ڪرڻ سبب 2 عورتون فوت ٿيون، پوليو ۾ مبتلا پٽ زخمي ٿيو ، سڀ ڪجھه تباھ ٿي ويو ، اسان کي هليڪاپٽر تي ڳوٺ مان ڪڍي دادو آندو ويو ، نه ٽينٽ مليا نه کاڌ خوراڪ ملي ٿي، نٽهڻ اس تي ويٺا آهيون ، پٽ ڪينسر ۾ مبتلا آهي، هاڻي ته ان جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، ڌيءُ مليريا بخار ۾ وٺجي وئي آهي ان کي اسپتال داخل نه ٿا ڪن، ننهن رشيده زال عبدالواحد ڳور هاري آهي جو ڊاڪٽرياڻيون علاج نه ٿيون ڪن،  علاج ڪرڻ جو چوڻ تي تذليل ڪري وارڊ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر ، ڪمپائونڊر ڇڙٻون ڏئي ڳالهائين ٿا، خيرات وٺي ٻچن کي اڌوري ماني کارائي سمهاريون ٿا ۽ پاڻ بک تي آهيون ، عورت هن چيو ته   اسان جي ٻچن جو علاج ته ڪرايو ، اسان جي دانهن واحدالقهار کي اهو اسان جي دانهن ضرور ورنائيندو.