سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کي برساتن بهاني بند رکڻ خلاف شاگردن سيشن ڪورٽ خيرپور ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ورتي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ شاگردن ذيشان مڱريو، محمد حنيف ميتلو، فيض ڦلپوٽو، مهدي رضا سهتو، اختر جلباڻي ۽ مدثر مڱريو چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي بنا جواز بند ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد ڪرپشن کي لڪائڻ ۽ شاگردن جو تعليمي مستقبل تباهه ڪرڻ آهي. موجود وائيس چانسلر ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي، بلڪ سندس اچڻ بعد اداري ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي. شاگردن جو چوڻ هو ته يونيورسٽي سال ۾ فقط چار مهينا کليل هجي ٿي، ان باوجود مڪمل گرانٽ خرچ ٿيل ڄاڻائي وڃي ٿي. هنن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج تي ويٺل شاگردن مٿان دهشتگردي جا ڪيس ناهن ڪيا ويندا پر لطيف يونيورسٽي انتظاميا بيگناهه شاگردن مٿان 13 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرائي چڪي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽيءَ فوري طور تدريسي عمل شروع ڪري شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن لطيف يونيورسٽي جي ترجمان پريس پڌرائي جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته سيشن ڪورٽ خيرپور ٻاهران يونيورسٽي جي انتظاميا خلاف بک هڙتال تي ويٺل، يونيورسٽي جا شاگرد نه بلڪه فارغ التحصيل ۽ آئوٽ سائيڊر آهن، جيڪي لطيف يونيورسٽي جي انتظاميا کي بدنام ڪري رهيا آهن پر اهڙي ڪابه سازش ڪامياب ٿي نه سگهندي. ترجمان وڌيڪ ڄاڻايو ته انتظاميا پاران جوڙيل ڪاميٽي جي سفارش تحت يونيورسٽي ۾ 19 سيپٽمبر کان تدريسي عمل شروع ڪيو پيو وڃي.