روهڙي (ن پ ا ) روهڙيءَ جي علائقي ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ ڀرسان مڇيءَ جي تلاءَ ۾ پير ترڪڻ سبب نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن موجب روهڙيءَ جي ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ واري علائقي ڀرسان نوجوان ڌنار محمد عاطف کورکاڻي مينھون چارڻ دوران پير ترڪڻ سبب مڇيءَ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين پهچي نوجوان جو لاش تلاءَ مان ڪڍرائي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو، جتان ضروري ڪارروائيءَ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتيءَ جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام برپا ٿي ويو.