ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ضلعي جي تعلقي چمبڙ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن ڊي سي آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي   مير مرتضيٰ اوٺو،  فدا چوهاڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  ٽنڊوالهيار جي  ڊي سي جي خراب ڪارڪردگي جي سبب اسانجا 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ڊي سي  من پسند ماڻهن کي ٽينٽ ۽ راشن پهچائي رهيو آهي، اسانجا ٻچا کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺا آهن، نوٽيس وٺي  پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي.