هڱورجا ن پ ا) هڱورجا ۾ يوسي سيٺارجا بالا جي ڳوٺ ڪينجهر مڱڻيجا جي رهواسين پاران ڇهن مهينن کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف ڪالهه ٽئين ڏينهن به سردار احمد مڱڻيجو، شامل مڱڻيجو، ميرخان، معشوق مڱڻيجو، ڄام محبت سهتو، فاضل، محبوب مڱڻيجو، نذير حسين ۽ استاد الهيار مڱڻيجو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخي ناصر گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. برسات متاثر ڳوٺاڻن علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. برسات متاثرن احتجاج ڪندي چيو ته 6 مهينا گذري وڃڻ کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. جڏهن ته ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف بار بار احتجاج باوجود ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن ٿا. هر اليڪشن ۾ واعدا ڪيا ويندا آهن ته اوهان جا بنيادي مسئلا حل ڪيا ويندا پر هن وقت تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي آهي. هنن واضح ڪيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ تائين احتجاج جاري رهندو.