باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي شھيد ملڪ محمد علي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ظفر کوسو ۾ بجلي جي سرڪٽ سبب ٽن پورھيتن فريد احمد مڱريو،  اللھ بخش مڱريو ۽ پنھل مڱريو جي گھرن ۾ پيل اناج، بسترا، ٿانو، کٽون، ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي لکين رپين جو سامان سڙي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو،  فريد مڱريو، پنھل مڱريو چيو ته اسان جا ڪکاوان گھر بجلي جي سرڪٽ سبب لڳل باھ ۾ سڙي رک ٿي ويا آھن،  ھنن گهر ڪئي ته مالي مدد ڪئي وڃي.