هندي سمنڊ ۾ برپا ٿيل طوفان جا سنڌ ۾ اثر، تيز برسات جو امڪان

0
388

ڪراچي (نمائندن وٽان) هندي سمنڊ ۾ برپا ٿيل طوفان جا سنڌ ۾ اثر، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ 17 کان 20 مئي تائين گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي، ڪراچي، حيدرآباد، دادو ۽ نواب شاهه ۾ 18کان 20 مئي تائين مٽِي جي طوفان سوڌو تيز برسات جا امڪان، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ 18 کان 20 مئي تائين تيز برسات جي اڳڪٿي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان طرفان سامونڊي هوائون پاڻ ڏانهن ڇڪڻ سبب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سڀاڻي کان 17 مئي تائين گرمي جي لهر ۾ شدت اچي سگهي ٿي، ڪراچي ۾ پارو 42 کان 43 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جا امڪان.