همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ڀرسان ڳوٺ محمد عظيم کوهارو وٽان ابدال شاخ کي 50 فوٽ جو گهارو لڳڻ سبب ساريالي فصل سميت ڳوٺ رئيس پيراڻو ٻرڙو پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو 8 ڪلاڪن بعد بند ڪيو، ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن رشوت وٺي، ابدال شاخ مان کڻڻ جي اجازت ڏني، شاخ جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن.هوڏانهن ابدال شاخ کي گهارو لڳڻ سبب لنڪ روڊ ڀڄي پيو، جنهن جي ڪري ڳوٺ محمد  نواز کوهارو، عطاءَ محمد اوٺو، الهندو چنو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، گهاري سبب بجلي جا پول به ڪري پيا آهن، ميان صاحب فيڊر جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي آهي.