حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاھ ۾ هراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي پروين رند جي چاچي علي نواز رند جي پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. بي سيڪشن دادو پوليس ذوالفقار ڪالوني جي رهواسڻ مسمات جمالان ڏيرو جي فرياد تي پروين رند جي ٻن چاچن ۽ ڀاءُ خلاف کيس حراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته 19 نومبر 2022ع تي کيس گهر ۾ اڪيلو ڏسي علي نواز رند، سندس ڀاءُ علي احمد ۽ ڀائٽي اسلم رند داخل ٿي حراسان ڪيو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد گذريل مهيني 22 ڊسمبر تي علي نواز رند وڪيل ذڪريا بلوچ معرفت 50 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت ڪرائي هئي جڏهن ته سيشن ڪورٽ دادو متاثر شاگردياڻي پروين رند جي ڀاءُ محمد اسلم ۽ هڪ چاچي علي احمد جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي هئي. عدالت ٻاهران ڳالهائيندي متاثر شاگردياڻي جي چاچي علي نواز رند چيو ته نوابشاهه ۾ داخل هراسمينٽ واري ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت ۽ ٻين جي چرچ تي بي سيڪشن پوليس مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. هن چيو ته هفتو اڳ سندس ڀائٽي پروين رند تي حملو ڪيو ويو ۽ کين قتل جون ڌمڪيون پيون ملن جنهن خلاف هو لاڳيتو دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج پيا ڪن پر سندن ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته حراسمينٽ واري ڪيس ۾ هو شاھد آھي ۽ سندس ڀائٽيو مشير ان ڪري کين انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائي مٿن جڙتو ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. هن چيف جسٽس کان معاملي جي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.