تلهار (ن پ ا) تلھار ۾ 55 ڏينهن پهرين زميني تڪرار تان قتل ڪيل عورت ٻن معصوم ٻارڙن جي ماءُ مسمات نازيه ماڇي جي قتل ڪيس ۾ گهربل مُک جوابدارن جي   گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن، ماڇي برادري جي ماڻهن پاران بڙ چوڪ کان بدين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، مين حيدرآباد بدين هائي وي تي احتجاجي ڌرڻو نعريبازي ڪئي وئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته 55 ڏينهن پهرين اسان جي نياڻي کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ،اسان جي نياڻي جا قاتل  گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس تيار ناهي پوليس صرف جاچ تائين محدود آهي.جڏھن ت روينيو کاتي بااثرن جنهن بلڊر مافيا شامل آھي انهن  جي چوڻ تي کاتا بدلائي سمورو جهيڙو مچائي ڇڏيو.تلهار روينيو کاتو پرائيويٽ ارجنٽن معرفت هلي پيو جيڪي رڪارڊ دوڪانن تي رکيو ڪم اتان پيا هلائين. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ت اصل بااثرن کي قانون جي ڪٽھڙي م آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.