ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان گم ڄاڻايل 2 ڇوڪريون لاهور مان هٿ آيون، ايس پي انويسٽيگيشن ابريز عباسي موجب ڪورنگي 2 نمبر مان 2 ساهيڙيون ڪنزه ۽ نائلا گم ٿي ويون هيون، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جاچ شروع ڪئي، ڇوڪرين جي موبائل مان ڊيٽا ريڪور ڪرائي، سندن ڊائري مان به ڪجهه اشارا مليا، جاچ دوران پتو پيو ته ٻئي ريل ذريعي لاهور پهتيون. ايس پي انويسٽيگيشن موجب پوليس ريلوي اختيارين سان به رابطو ڪيو، ٻئي ڇوڪريون لاهور ۾ حفاظتي تحويل ۾ آهن، کين ڪراچي آندو ويندو. انويسٽيگيشن پوليس ذريعن موجب ٻئي نينگريون ڪورين بينڊ مان متاثر هيون، اهي  ڪوريا وڃڻ جون خواهشمند هيون ، گھر مان نڪرڻ کان اڳ ٻنهي ٽرين جي ٽائيمنگ ۽ ڀاڙن بابت معلومات حاصل ڪئي، ٻنهي پنهنجي هڪ سوٽ کي به گڏ هلڻ جي صلاح ڪئي پر انهي انڪار ڪيو. گھر مان نڪرڻ کان اڳ ڇوڪرين گوگل آءِ ڊي پڻ فارميٽ ڪئي. پوليس موجب ٻنهي کي ڪراچي آندو ويندو