رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ بالاچ خان جي رهواسي ڳوٺاڻن عورتن رتوديرو پريس ڪلب پهچي قتل جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عورتن گنهور خاتون ، عالم خاتون ۽ صدوري سناڻي دانيهندي چيو ته 23 ڏينهن اڳ اسان جي ذات جي هٿيار بندن فائرنگ ڪري  10 ورهين جو نينگر فياض سناڻي  کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار  اسان جي هڪ ڇوڪري اربيلي کي به اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، نياڻي به بازياب ناهي ٿي، 8 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،  جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.