مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو مسئلو ميڊيا تي ھاءِ لائيٽ ٿيڻ بعد حل ٿي ويو، تعلقي نيو سعيدآباد جون 53 سيٽون ھالا تعلقي کي ڏيڻ جي انڪشاف ٿيڻ وارو معاملو اٿاريو ويو هو، جنهن بعد ضلعي تعليم کاتي جي اختيارين نوٽيس وٺي،  ٽي اوز جي ميٽنگ گھرائي مسئلي کي حل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڊي اي او خدابخش ميمڻ جو چوڻ آهي تعلقي نيو سعيدآباد کي سندس جائز ڪوٽا موجب 53 سيٽون واپس ڏنيون ويون، ضلعي جي ڪنھن به اميدوار سان ناجائزي ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان ميڊيا جا شڪرگذار آهيون جنھن سبب روزگار مليو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو.