جاتي (ن پ ا)ضلعي سجاول جي تعلقي جاتي ۾ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙن جا جاتي تعلقي مان ڊوميسائل  ٺهڻ بعد سنڌ حڪومت پاران کين تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جا آفر آرڊر ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف ڪندڙ جاتي جي نوجوانن الهڏنو ۽ محمد نالي نوجوانن ڊپٽي ڪمشنر سجاول کي جعلي ڊوميسائل رد ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي جاتي واسي نوجوانن پاران جعلي ڊوميسائل ٺهڻ ۽ تعلقي جي ٻين يونين ڪائونسلن ۾ استادن جي ڀرتين جي سخت مخالفت پڻ ڪئي وئي آهي ۽ جعلي ڊوميسائل ٺهرائيندڙ جا نالا پڻ درخواست ۾ ظاهر ڪيا آهن.