خيرپور (رپورٽر) سٽي اسپتال خيرپور ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي بند هئڻ ۽ اسپتال انتظاميا طرفان جنريٽر نه هلائڻ سبب اسپتال ۾ داخل 5 معصوم ٻارڙا محمد حسين، محمد حسن ڳنڀير، واجد سولنگي، ڪائنات جاگيراڻي ۽ آسيه بيهوش ٿي ويا. جڏهن ته بجليءَ جي اڻ اعلانيل طويل لوڊشيڊنگ سبب اسپتال ۾ داخل ٻارن جي وارثن، ڊاڪٽرن ۽ عملي کي پڻ سخت پريشان ٿيڻو پيو. واضح رهي ته گيسٽرو جو مرض وبائي صورت اختيار ڪرڻ کانپوءِ سوين معصوم ٻارڙا سٽي اسپتال خيرپور ۾ علاج هيٺ آهن. ان کان علاوه ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٻارڙا پڻ مختلف وارڊن ۾ داخل آهن. ٻارن جي وارثن تيل جي مد ۾ فنڊز موجود هجڻ باوجود جنريٽر نه هلائڻ تي حيرت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.